درگاهه شاهه گودڙيو

درگاهه شاهه گودڙيو

درگاهه شاهه گودڙيو

درگاهه شاهه گودڙيو: ڪلهوڙن جي سپهه سالار شاهه گودڙيي جي مزار تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ جي ديهه موجهڙ، تپي فريد آباد ۾ موجود آهي. شاهه گودڙيو ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي خاص مصاحبن مان هو. چيو وڃي ٿو ته سندس اصل نالو عبدالله هو ۽ ذات جو کوسو هو. اها به روايت آهي ته شاهه گودڙيو خيرپورميرس واري اڌهم سلطان جو ڀاءُ آهي. شاهه گودڙيي جي مزار جي چوڌاري قبرستان آهي. قبر قدرتي پٿرن جي ڍڳ جو ڏيک ڏئي ٿي، جنهن مٿان ڪافي تعداد ۾ پڙ پيل آهن. قبر جي چوڌاري سيمينٽ جو جهنگلو ٺهيل آهي. قبرن جي هن ميڙ کي احاطو ڏنل آهي، جنهن کي ڏکڻ ۾ لنگهه آهي. اتر ۾ پيل پاون سان ورانڊو ٺهيل آهي، جنهن ۾ زيارتي اچي رهن ٿا. اڏاوتي طور هن قسم جي اڏاوت کي ’صحابو‘ سڏين ٿا، جو قبر جي مٿان ڪا به ڇت يا ڍڪ ڪو نه آهي، پر چوڌاري جهنگلو ٺهيل آهي. قبرستان، مزار جي اولهه- ڏکڻ ۽ اتر- اولهه ۾ آهي. اڏاوتي طور مزار ڪا خاص اهميت جوڳي ڪا نه آهي. مزار واري احاطي ۾ پنج ٻيون به قبرون آهن. هي ڪلهوڙا دور جي اڏاوت جو نمونو آهن. هتي هر سال ٽن ڏينهن جو شاهه گودڙيي جو ميلو لڳندو آهي. ميلي ۾ پري پري جا ماڻهو ايندا آهن. ميلي جي خاص ڳالهه ’سروز‘ آهي، جنهن تي عورتون ۽ مرد ڪنڌ هڻندا آهن. سروز مقامي سازن تي مشتمل سازينو آهي، جنهن کي مقامي فنڪار وڄائيندا آهن. جنهن کي عام طرح جن ڪڍڻ جو عمل سڏجي ٿو. شاهه گودڙيي جا متولي کوسا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو